ڀاونداس ڀاون

ڀاونداس ’ڀاون ‘:ڀاونداس پٽ ڏنو مل تعلقي ڏوڪريءَ جو ويٺل ھو. سال 90-1880ع جي وچ ڌاري ڄائو. سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ تعليم کاتي ۾ ملازمت ڪيائين.”ڀاون“ تخلص سان شاعري ڪندو ھو. سندس شاعريءَ جو ھڪ مجموعو ”پريم سرور“ جي نالي سان ورھاڱي کان اڳ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيل آھي. ڀاونداس ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ بگيءَ ۾ سنڌي ماستر ٿي رھيو. سوڀي گيانچنداڻي لکيو آهي ته ”مون 28 -1927ع ڌاري ڳوٺ بگي تعلقي ڏوڪريءَ ۾ استاد ڀاونداس وٽ ٽيون ۽ چوٿون درجو سنڌي پڙھيو. ھو وڏو محنتي استاد ھو، شاگردن سان سندس رويو شفقت ڀريو ھوندو ھو“. ڀاونداس ”ڀاون“ پڙھڻ ۽ پڙھائڻ کان سواءِ شاعري ۽ ڳائڻ وڄائڻ جو شغل ڪندو ھو. سندس شاعريءَ جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته مٿس مذھبي ۽ فقيري خيالن جو اثر ھو. ھن جي ڪلام ۾ ڀائپيءَ ۽ اعليٰ انساني قدرن جي اپٽار ٿيل آھي. ڀاونداس ڪافي گو شاعر ھو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو